ارباب علي ’مسافر‘ شيخ

ارباب علي ’مسافر‘ شيخ

ارباب علي مسافر شيخ

ارباب علي ’مسافر‘ شيخ: ارباب علي ’مسافر‘ ولد الهڏنو شيخ، پهرين اپريل 1925ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم ڇهه درجا سنڌي هئي. سندس وڏا اصل رُڪ اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ سهڪجيءَ جا ويٺل هئا. هن شروع ۾ پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪئي، بعد ۾ اها نوڪري ڇڏي هڪ خانگي وڪيل وٽ منشي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو، جيڪو ڪم ٽيهن سالن تائين ڪندو رهيو. کيس مجازي عشق جي چوٽ لڳي،. ان ڪري 1948ع کان شاعري ڪيائين.
ارباب علي ’مسافر‘ سنڌيءَ سان گڏ اردو زبان ۾ به شاعري ڪئي. سندس شاعري نهايت سادي ۽ عام فهم آهي. غزل سندس پسنديده صنف هئي، ارباب علي ’مسافر‘ مارچ 1991ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام مان غزل جا ڪجهه بند نموني طور ڏجن ٿا:
دلڙي ڏني مون تو کي عادل عجيب سمجھي،
تو ئي ڌڪاري ڇڏيو مون کي غريب سمجھي.
ڪيڏي ڪيم وفائي، جيءَ جان جي جفائي،
سڀ ڪجهه ڪيو مٺا مون، توکي حبيب سمجھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.04.01  عيسوي

ارباب علي ’مسافر‘ ولد الهڏنو شيخ، پهرين اپريل 1925ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رسول حمزه توف
آدم هنڱورجو
سجاد ميراڻي
شاهه علي محمد
دريا خان دولهه
دينپوري مولانا محمد عمر
فاضل خان ٺٽوي
ابو البقا ملا ٺٽوي
پير آقا محمد اسماعيل جان مولانا
فقير لطف علي دايو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون